استاد ڪرم حسين

استاد ڪرم حسين

استاد ڪرم حسين

استاد ڪرم حسين: سنڌ جو مشھور ڍولڪ نواز استاد ڪرم حسين، استاد بيبي خان جو پوٽو، استاد فدا حسين خان جو فرزند ۽ استاد منظور علي خان جو ڀاڻيجو هو. کيس ڍولڪ ۽ هارمونيم وڄائڻ تي دسترس ۽ راڳن بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي. گواليا رگهراڻي جي هن فرد جي، وڏن فنڪارن سان ڍولڪ تي سنگت رهي، پر هن جو گهڻو عرصو عابده پروين سان گذريو. پاڻ سنڌي ڍولڪ جي مشھور استاد محمد هاشم ڪڇي جي هٿ ۽ وڄت جو عاشق هو. سندس ٻه ڀائر استاد ديدار حسين ۽ استاد محب علي پڻ هن فن جي دنيا سان نڀائيندا پيا اچن. هن 10 اپريل 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو